اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان کي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو.ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته اتحاد جو پيغام سڄي دنيا کي ڏنو ويو آهي.رانا ثناءُ الله چيو ته ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين پاران بيان ڏنا ويا آهن، سڀئي سياسي پارٽيون متحد آهن، هر پارٽي پنهنجي رياست سان گڏ بيٺي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن آل پارٽيز ڪانفرنس يا پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جي ضرورت پوندي ته اهو ضرور ٿيندو، ۽ اسان ڪوشش ڪنداسين ته پي ٽي آءِ به آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري.رانا ثناءُ الله چيو ته مون کي اميد آهي ته جيڪڏهن موقعو مليو ته سڀئي پارٽيون متحد ٿي وينديون.










