دبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي فضائيه جا اهلڪار به پاڪستان ايئر فورس ۽ پاڪستاني جهاز جي ايف 17 ٿنڊر جا مداح نڪتا، هنن پاڪستاني پويلين جو دورو ڪيو، جي ايف ٿنڊر جنگي جهاز سان تصويرون ٺهرائيندا رهيا. دبئي ايئر شو 2025 ۾ پاڪستان جو جي ايف-17 ٿنڊر هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو. ’معرڪه حق‘ ۾ پاڪ فضائيه جي شاندار ڪاميابي کان پوءِ جتي دنيا ڀر ۾ پاڪ فضائيه جا چرچا آهن، اتي ڀارتي فضائيه جا اهلڪار پڻ پاڪ فضائيه کان متاثر ٿي ويا.دبئي ايئر شو دوران ڀارتي فضائيه جي اهلڪارن پاڪستاني پويلين جو دورو ڪيو ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس پاڪستاني هٿيارن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. پاڪستاني اختيارين مطابق ان موقعي تي پاڪ فضائيه جي پائلٽن ڀارتي فوجين کي چانهه جي دعوت به ڏني.
“اچو ته توهان کي چانهه پياريون”
پاڪ فضائيه جي پائلٽن ڀارتي هم منصبن کي چيو: “اچو ته توهان کي چانهه پياريون”، جنهن تي ڀارتي فوجين وڏي مهرباني سان معذرت ڪندي چيو ته پاڻي پيتو آهي، ڪافي آهي. پاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو مهمان اچي ته اسان وٽان هميشه ڀليڪار ٿيندي. ٻئي پاسي ڀارتي فضائيه جا اهلڪار به پاڪستاني جهاز جي ايف 17 ٿنڊر جا مداح نڪري آيا. ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڀارتي فضائيه تي تنقيد به ٿي رهي آهي. ايڪس تي هڪ ڀارتي صارف طنزيه سوال ڪيو: “پائلٽ گڏجي کلي سگهن ٿا، پر ڪرڪيٽر هٿ ڇو نٿا ملائي سگهن؟” فيس بڪ تي هڪ پاڪستاني صارف لکيو:
“پاڪ فضائيه مهمانن سان پروفيشنل طريقي سان پيش اچي ٿي ۽ انهن کي ’فينٽاسٽڪ ٽي‘ پيش ڪرڻ ۾ ڪو به عار محسوس نه ڪندي آهي.”
ايئرپورٽن تي اميگريشن سسٽم 1 ڪلاڪ بند رهڻ بعد بحال
ڄامشورو، مسافر بس حادثي جو شڪار، 1 ڄڻو فوت، 9 ڄڻا زخمي
ڪراچي ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت، عورت زخمي
چونڊن ۾ فراڊ تي سزا ڏياريندڙ کي 10 لک ڊالر انعام ڏيندس: ٽرمپ
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ، نوان اگهه لاڳو
وزيراعظم ۽ جماعت اسلامي جي امير ۾ ملاقات طئي
اسرائيل ۾ ٿيندڙ چونڊون ۽ عالمي معيشت تي اثر
حڪومت 2 کرب 35 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ تي نظر ثاني ڪري، فاروقي
ايران جي صدر جو علائقائي اتحاد ۽ گڏيل حڪمت عملي تي زور
چين جو سامونڊي تحقيق لاءِ ترندڙ پليٽ فارم ٺاهڻ جو اعلان
لياري جي مرزا آدم خان روڊ جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ واڌ، نئين شرح 12 سيڪڙو مقرر
قبو سعيد خان،عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ
ليوي ختم نه ٿي ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ ٿيندو: حافظ
سنڌ ۾ سرنهن، تر ۽ ڪينولا جي پوک ۾ واڌ خوش آئند آهي
غير سياسي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ لاڏاڻو ڪري ويو
ڀارتي سيڪيورٽي فورسز هٿان سجاول واسي 4 مهاڻا گرفتار
سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو
ٽرمپ کي ڌچڪو، برازيل ۾ لولا چوٿون ڀيرو صدر چونڊجي ويو
گمبٽ: شادي جي تقريب ۾ فائرنگ، نينگر فوت










