دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي سربراهه جي شاهه چيو آهي ته ڀارتي ٽيم ايشيا ڪپ 2023 لاءِ پاڪستان جو دورو نه ڪندي ڀارتي ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته بي سي سي آئي جي سيڪريٽري جي شاهه اعلان ڪيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ 2023 لاءِ پاڪستان نه ايندي ڀارتي گهرو وزير امت شاهه جي پٽ جي شاهه پاڪستان کان ايشيا ڪپ جي ميزباني کسيندي ايونٽ کي نيوٽرل هنڌ تي کيڏڻ جو اشارو ڏنو آهي ان کان اڳ ڀارتي بورڊ جي 36هين اجلاس ۾ ايشيا ڪپ لاءِ ڀارتي ٽيم کي پاڪستان موڪلڻ جي حوالي سان بحث ٿيڻو هو ڀارتي ڊيم سال 2008 ۾ اخري ڀيرو ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان جو دوروڪيو هو جنهن کان پوءِ ممبئي حملن جو الزام مڙي ڀارت پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪندو رهيو آهي.










