ڀارتي وڳوڙن ۾ 27 ماڻهو مري چڪا، مسجد تي حملو

دلي (ويب ڊيسڪ) صدر ٽرمپ جي ڀارت ۾ موجودگي دوران تڪراري شهريت واري قانون خلاف ۽ حق ۾ مظاهرا ڪندڙن جي جهيڙن ۽ جهڙپن ۾ مري ويلن جو انگ 27 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 200 سو کان مٿي ماڻهو زخمي ٿي پيا. دلي ۾ فسادن سبب 6 ميٽرو اسٽيشن بند ڪيا ويا ۽ ڪجهه علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ وڳوڙين کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. انتها پسند هندن اشوڪ نگر ۾ واقع مسجد تي حملو ڪيو ۽ ڪجهه شرپسند مينار تي چڙهي ويا. پاڪستان جي صدر عارف علوي مسجد تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. ياد رهي ته گذريل سال ڀارت شهرين بابت منظور ڪيل بل ۾ چيو هو 31 دسمبر 2014 تائين هندوستان آيل سڀني ماڻهن کي شهريت ڏني ويندي سواءِ مسلمانن جي. جنهن خلاف ڀارت ۾ مسلسل احتجاج ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو