ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي هدايتڪار ديپک پانڊي پاڪستاني ميزبان، ليکڪ ۽ اداڪار علي سليم عرف بيگم نوازش علي جي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب علي سليم جي زندگي جي ڪهاڻي متاثر ڪندڙ آهي ڇو ته هن بهادري ۽ حوصلي سان پنهنجي زندگي جي چئلينجن کي منهن ڏنو.قوي امڪان آهن ته بالي ووڊ اداڪاره ملڪا شراوت هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندي.ان حوالي سان ديپڪ پانڊي جو چوڻ آهي ته هو چاهي ٿو ته عليءَ جو ڪردار مليڪا شراوت ادا ڪري ڇو ته ان ڪردار لاءِ هڪ اهڙي اداڪاره جي ضرورت آهي جيڪا هڪ باهمت ۽ مضبوط شخصيت هجي ۽ ملڪا ۾ اهي خوبيون هجن.فلمساز موجب هن فلم ۾ ان ڪردار لاءِ ملڪا شراوت سان به رابطو ڪيو آهي پر اداڪاره جو حتمي اعلان ايندڙ ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.ڀارتي ميڊيا موجب اها فلم او ٽي ٽي پليٽ فارم تي رليز ڪئي ويندي.










