ڀارتي فوج پاران ڪلسٽر بم استعمال،عالمي برادري نوٽس وٺي،ترجمان

ڀارتي فوج پاران ڪلسٽر بم استعمال،عالمي برادري نوٽس وٺي،ترجمان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي فوجي ترجمان چيو آهي ته ڀارتي فوج ڪنٽرول لائن تي نيلم ويلي ۾ ڪلسٽر بارود استعمال ڪيو آهي جيڪو جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهي. فوجي ترجمان مطالبو ڪيو ته عالمي برادري نوٽيس وٺي. آءِ ايس پي آر مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 30 ۽ 31 جولاءِ جي وچ واري رات ڀارتي فوج نيلم وادي ۾ ڪلسٽر بارود استعمال ڪيو جنهن سبب 4 سالن جي ٻار سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 11 ٻيا سخت زخمي ٿي ويا هئا. هن چيو ته جنيوا ڪنوينشن ۽ عالمي انساني حقن جي قانون موجب غير فوجي علائقن ۾ ڪلسٽر بارود جي استعمال تي پابندي آهي. ترجمان چيو ته ڀارتي فوج جي اخلاقي پستي جو اهو وڏو ثبوت آهي ۽ عالمي برادري ان جي جاچ ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو