ڀارتي فوج جو پنهنجي ئي ڳوٺ تي مارٽر گولي جو فائر، 3 ڄڻا فوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ)نااهلي جي هڪ ٻي مثال ۾ ڀارتي فوج تربيتي مشق دوران پنهنجي ئي ڳوٺ تي مارٽر گولا فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا.آمريڪي ميڊيا رپورٽ موجب ڀارتي فوج جو مارٽر شيل ٽريننگ سيشن دوران فائر ڪيو ويو جڏهن ته ڀارتي رياست بهار جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ گهر ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان جوڙو ۽ پاڙيسري مارجي ويا.ڳوٺ بهار جي راڄڌاني پٽنا کان 120 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ جي حد جي ويجهو واقع آهي.رپورٽن مطابق بهار جي گايا ضلعي جي ڳوٺ گولارڊ ۾ هولي جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته شيل ڦاٽڻ سبب فوت ٿيل جوڙو حادثو پيش آيو.ڀارتي فوج جو مارٽر شيل گهر جي صحن ۾ گرڻ سبب ٻه ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، ڀارتي فوج واقعي تي فوري طور تي ڪوبه تبصرو نه ڪيو.ميڊيا رپورٽن موجب گذريل سال جي شروعات ۾ به هڪ شهري فائرنگ رينج جي ويجهو ان وقت مارجي ويو هو جڏهن هو مارٽر شيل مان پيتل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته اهو شيل ڦاٽي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو