ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان کي ڀارتي سپريم ڪورٽ مان رليف ملي ويو، سندس خلاف 2017 ۾ داخل ڪيل ڪيس خارج ڪيو ويو.ڀارتي ميڊيا موجب 2017ع ۾ فلم ”رئيس“ جي پروموشن دوران ڀاڄ پئجي وڃڻ سبب هڪ شخص جي فوت ٿيڻ ۽ ڪجهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ بابت ڪيس سپريم ڪورٽ خارج ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق گجرات ۾ ٿيل واقعي تي ڪانگريس اڳواڻ شاهه رخ خان خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو، جنهن تي ڪنگ خان ڪيس کي خارج ڪرڻ لاءِ گجرات هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي، جيڪا منظور ڪئي وئي.اداڪار خلاف شڪايتون ختم ڪرڻ لاءِ گجرات هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست پڻ داخل ڪئي وئي.درخواست ۾ چيو ويو ته اداڪارا ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو، مقتول کي دل جي بيماري هئي ۽ سندس موت ٻين سببن ڪري ٿيو.ڀارتي ميڊيا موجب 27 اپريل 2022 تي گجرات هاءِ ڪورٽ شاهه رخ خان خلاف فوجداري ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.ڀارتي ميڊيا موجب ڪانگريس اڳواڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.










