اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جي گرفتاري کي 7 سال گذري ويا آهن.ڪلڀوشن پاڪستان ۾ سدير ۽ حسين مبارڪ پٽيل جي نالي سان دهشتگردي جو نيٽ ورڪ هلائي رهيو هو.3 مارچ 2016ع تي پاڪستاني ايجنسين ڪلڀوشن کي چمن جي علائقي ماش خيل مان گرفتار ڪيو.53 سالن جو ڪلڀوشن ڀارتي نيوي جو ڪمانڊر جي عهدي جو حاضر سروس آفيسر هو، جيڪو 2003 کان ڀارتي ايجنسي ”را“ لاءِ پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هو.پاڪستاني ايجنسين 9 سالن جي ڪوششن کانپوءِ ڪلڀوشن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.پنهنجي بيان ۾ ڪلڀوشن پاڪستان ۾ ”را“ پاران دهشتگردي جو اعتراف ڪيو.پاڪستان ڪلڀوشن ۽ را جي دهشتگرد ڪاررواين تي ٻڌل ڊوزيئر گڏيل قومن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.ڀارت ڪلڀوشن کي ڀارتي شهري تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر پاڪستان 10 اپريل 2017 تي ڪلڀوشن کي موت جي سزا جو اعلان ڪيو.ڀارت پاران ڪلڀوشن جي خلاف ڪارروائي پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف آهي.پاڪستان ۾ ڀارتي انٽيليجنس آفيسر جي گرفتاري ”را“ جي دهشتگرديءَ جو ثبوت آهي.










