ڀارتي جارحيت جو مناسب ۽ ڀرپور جواب ڏينداسين، صدر زرداري

ڀارتي جارحيت جو مناسب ۽ ڀرپور جواب ڏينداسين، صدر زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري سرحد پار شهري آبادي کي نشانو بڻائي پاڪستان خلاف هندستان جي جارحيت جي سخت مذمت ڪئي آهي.پنهنجي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو مناسب ۽ ڀرپور جواب ڏيندو. هن چيو ته ڀارتي اشتعال انگيز ڪارروائين جو پوري طاقت ۽ پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حفاظت لاءِ غير متزلزل عزم سان جواب ڏنو ويندو. صدر چيو ته شهري علائقن کي نشانو بڻائڻ ۽ ڀارتي حملو بين الاقوامي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ پاڪستان جي خودمختياري جي واضح خلاف ورزي آهي. هن اهو به چيو ته پوري پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوجن جي پويان متحد آهي، ۽ هندستان جا بزدلانه ڪارروايون فاشسٽ حڪومت جو اصل چهرو بي نقاب ڪن ٿا. آصف علي زرداري چيو ته ڀارتي حڪومت پنهنجي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ علائقائي امن ۽ سلامتي کي داؤ تي لڳائڻ لاءِ تيار آهي.صدر چيو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون مادر وطن جي هر انچ جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو