ڀائيٽين ۽ سئوٽن جي مبينا زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڀائيٽين ۽ سئوٽن جي مبينا زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

اوٻاوڙو (ن س) اوٻاوڙو ۾ ڀائيٽين ۽ سئوٽن جي مبينا زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج تفصيل موجب اوٻاوڙو ويجهو ڳوٺ حاجي ابراھيم ڌوندو ديھ ڇَتو جي رھواسين نواب ڌوندو ۽ شاھد ڌوندو پنھنجي ئي ڀائٽين ۽ سئوٽن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪندي چيو آھي ته اسان جي ديھ ڇتو ڌوندو ۾ 4 ايڪڙ قبولي زرعي زمين آھي جنھن تي حاڪم ڌوندو، رجب ڌوندو، سجاول ڌوندو، شعبان ڌوندو، سوڍو ڌوندو، جاويد ڌوندو ۽ آفتاب ڌوندو قبضو ڪرڻ چاھن ٿا ۽ زمين طرف انھن جي زمين مان رستو وڃين ٿو جيڪو انھن ڀڄي ڇڏيو آهي ۽ گهوٽڪي فيڊر مان نڪرندڙ سرڪاري واٽر ڪورس ڪڙيو به انهن ڀڄي ڇڏيو آهي اسان اڄ پنھنجي زمين ۾ ٽيوب ويل لڳرائي رھيا ھئا سين ته ساڳين جوابدارن اسان ۽ ٽيوب ويل جو بور ڪندڙ مزدورن مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي آهي اسان اھڙي رپورٽ اوٻاوڙو ٿاڻي به داخل ڪرائي آهي پر جوابدارن جي بااثر ھجڻ سبب اوٻاوڙو پوليس انھن خلاف ڪابه ڪاروائي عمل ۾ نٿي آڻي اسان مسڪين آھيون اسان جي پيٽ گذر جو ذريعو اھا چار ايڪڙ زرعي زمين ئي آهي جنهن تي ھو قبضو ڪرڻ چاھين ٿا اسان کي مذڪوره جوابدارن مان جان جو خطرو پڻ آهي ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻيا وسوارا معاملي جي شفاف انڪوائري ڪري اسان کي انصاف فراھم ڪن جيڪڏھن اسان کي ڪجھ به ٿيو ته ان جا ذميوار اھي مذڪوره جوابدار ئي ھوندا،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو