ڀاءُ 10 سالن جي ڀيڻ وڪڻي ڇڏي، امڙعدالت پهچي وئي

ڪشمور(جي ايم کوسو) ڪشمور ۾ ڀاءُ گهمائڻ بهاني وٺي وڃي پنهنجي 10 سالن جي ڀيڻ کي وڪرو ڪري نڪاح ڪرائي ڇڏيو. سندن والده سيشن جج کي درخواست ڏني، جج جاچ لاءِ ڊي ايس پي ڪمپلينٽ سيل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڊي ايس پي ڌرين کي سومر تي سڏائي ورتو. مسمات غلام فاطمه مزاري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪشمور جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي ڄاڻايو آهي ته منهنجو پٽ لياقت علي نافرمان آهي جنهن جي ٽانوري برادري مان شادي ٿيل آهي جيڪو ڪجه ڏينهن اڳ منهنجي گهر اچي پنهبجي ڀيڻ ڏھن سالن جي پروين کي گهمائڻ بهاني گهران وٺي ويو ۽ پئسن عيوض نبي دوست ٽانوري کي وڪرو ڪري نڪاح ڪرائي ڇڏيو آهي. هن جو وڌيڪ چيو ته لياقت، نبي دوست ۽ مولوي سميت ملوث جوبدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. هن ٻڌايو ته جوابدار اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. سندس درخواست تي عدالت پاران انچارج ڪمپلينٽ سيل ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ان سلسلي ۾ ڄاڻايل جوابدارن کي سومر ڏينهن پاڻ وٽ طلب ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو