قاضي احمد ( جاويد جتوئي ) نواب ولي محمد فيڊر لڳ مقبول شاھ جي ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڄام شورو ۾ واپڊا وارن جو پرائيويٽ مستري بجلي جي پول تي چڙھي لائيٽ ٺاھيندي 38 ورهين جو غلام رسول زرداري ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي ويو. ڳوٺاڻن موجب ته اڄ صبح سوير بجلي جي ڪم ڪرڻ لاءِ جيئن ئي بجلي جي کنڀي تي چڙھيو ته اوچتو بجلي اچي وئي جنهن سبب ڪرنٽ لڳڻ ڪري موقعي تي ئي فوت ٿيو آھي ڳوٺاڻن بجلي جي کنڀي ۾ لٽڪيل لاش لاهي هيٺ آندو ٻڌايو. پيو وڃي ته فوتي وڏي عرصي کان واپڊا وارن سان ملي ڪري پرائيويٽ طور بجلي جو ڪم ڪار ڪندو هو. ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي واپڊا ايس ڊي او مخدوم مدثر ٻڌايو ته اهڙي واقعي جي ڄاڻ ملي آھي واقعي تي افسوس ٿيو جيڪي به لائين مين ملوث ھوندا انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ھوڏانھن ضروري ڪارروائي کان پوءِ اسپتال انتظاميا لاش وارثن حوالي ڪيو. وارث لاش کڻائي ايس ايڇ او قاضي احمد وٽ پھچي ويا ايس ايڇ او ان ٽائيم ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي واپڊا ايس ڊي او مخدوم مدثر، ايل ايس غلام حيدر مري، لائن مين شاھنواز کورکاڻي ۽ اسسٽنٽ لائين مين قابل ڪوريچو تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.










