ٿر ۾ وڌندڙ خودڪشين ۽ ننڍي عمر جي شادين بابت سيمينار منعقد

ڪلوئي (غلام مصطفيٰ نهڙيو) سنڌ ڪولهي اتحاد ۽ پريس ڪلب ڪلوئي پاران ٿرپارڪر ۾ وڌندڙ خودڪشين ۽ ننڍي عمر جي شادين جي نقصانن بابت سيمنار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ چيئرمين سنڌ ڪولهي اتحاد رڻشال ڪولهي، ماسترسرور احمداڻي، سماجي اڳواڻ ڀڳوان داس، ڀارو مل فقير، عبدالقيوم راهو، يوسي ڪلوئي چيئرمين غلام نبي لنڊ، هيڊ ماستر محمد عمر دل، ننگجي ڪولهي، ٽي اي او ڏيپلو ارباب ذوالفقار، شيوا جي مهاراج،  ايس ايڇ او ڪلوئي رسول بخش جونجه، سماجي اڳواڻ جمع خان ٻٻر، صحافين رضا هالو، عرفان کوسو، عباس ٿري سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سنڌ ڪولهي اتحاد چيئرمين رڻشال ڪولهي جو چوڻ هو ته هن پروگرام جو مقصد ٿرپارڪر ۾ وڌندڙ خودڪشين ۽ ننڍي عمر جي شادين مان ٿيندڙ نقصانن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي جنهن ۾ ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته تعليم جي کوٽ سبب اسان جي معاشري ۾ سڱ چٽي پيٽ پوتي کان علاوه ڪيتريون ئي ڪڌيون رسمون موجود آهن ۽ ٿر پارڪر ۾ وڌيڪ خودڪشيون بک بدحالي ۽ ننڍي ڄمار جي شادين ڪري ٿين ٿيون. اسان جي معاشري ۾ خودڪشي اڪثر ڪري ننڍي ڄمار جي شادين ڪري ئي ٿئي ٿي انتظاميا بجاءِ انڪوائري ڪرڻ جي دماغي توازن درست نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي ڪيس لوڙهي ڇڏين ٿا. واضع رهي ته خودڪشين بابت ڪرايل پروگرام ۾ دعوت باوجود ڊي سي ٿر پارڪر روينيو جي عملدارن شرڪت نه ڪئي. جنهن تي مقررين پاران انتظاميا تي تنقيد پڻ ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو