اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير)اسلام ڪوٽ ۾ تازو برساتن بعد هارين هر سنڀاري ورتا،ٻنيون پوکڻ وارو عمل شروع،بئراجي علائقن کان مالوندن جا وڳ ۽ درجنين ٽريڪٽر ٿر پهچي ويا،واپارين ٻڄ جا اگهه چوٽ چاڙهي ڇڏيا. ڏُڪار متاثر مارو ماڻهن پاران اميد جي سانجهه ساري پنهنجا کيت کيڙڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن اسلام ڪوٽ سميت آسپاس جي ڳوٺن ۾ سٺي برسات پوڻ کانپوءِ ٿري هارين ۾ خوشي جي لهر پکڙجي ويئي آهي ۽ پنهنجي ٻنين مان لاھ ڪڍي صفائي ڪرڻ شروع ڪري پوکڻ وارو مرحلو باقائده شروع ڪري ڇڏيو آهي ٿر ۾ برساتن جو ٻُڌي ٻنيون پوکڻ لاء بئراج کان سوين ٽريڪٽر ٿر جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پهچي ويا آهن.

جڏهن هارين موجب ٽريڪٽر وارن موقعي جو فائدو وٺندي کيڙي جو في ڪلاڪ اگهه من پسند يارنهن سو کان ٻارنهن سو مقرر ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب لاڪ ڊائون ۽ ڏڪار متاثر مارو ماڻهو سخت پريشان آهن ٿري هارين موجب ٿر ۾ هيل سٺي وسڪاري جي اميد آهي تازو برساتون وقتائتون پيون آهن انهي ڪري ٻنيون پوکڻ شروع ڪيون آهن اميد ته هيل ٿر تان ڏُڪار جو ڏولاءُ لهندو ۽ خوشحالي جو سج اڀرندو . ٿر ۾ وسڪاري کانپوءِ ماڻهو، جانور توڙي وڻ ٽڻ، پکي پکڻ سڀ خوش آهن.

هر طرف ساوڪ آهي گاهه به ڦٽا آهن. مورن به مستي ڪرڻ شروع ڪئي آهي ۽ هر طرف مورن جا چهوڪا آهن. روهيڙي جا وڻ به سينگارجي خوبصورت ڏيک ڏئي رهي آهن.

ڏسڻ وارا پري کان ئي باغ بهار ٿيو وڃن. ٿر گهمڻ وارن جا ڪٽڪ به مختلف شهرن ۾ سير تفريح لاءِ نڪري آيا آهن. انتظاميه کين ڪورونا ايس اوپيز سميت کين جڳهه جڳهه روڪيو ڇڏي.










