ٿر جي سڃاڻپ خانصاحب عبدالڪريم پلي جي ورسي تقريب

عمرڪوٽ ( الهه بخش آريسر) ڪلاسيڪل سياستدان ناليواري شاعر اڳوڻي ايم پي اي خانصاحب عبدالڪريم پلي جي 28 ورسي رحمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي پاران ميونسپل ڪميٽي هال ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ صدارتي خطاب ڪندي ناليواري سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ميڊم امر سنڌو خطاب ڪندي چيو ته خانصاحب عبدالڪريم پلي جي شخصيت سنڌ جي مثالي ڪردارن مان هئي گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو سندن شخصيت ۾ انسانيت جو درد رکندڙ ، سنڌ جو وڏو شاعر هو. هن چيو ته عمرڪوٽ جي تاريخ وڏي اهميت رکي ٿي عمرڪوٽ ادبي لفظن ۾ رهندڙ ماڻهن جو شهر آهي ڇاڪاڻ ته هتي ڪئي اهم ادبي ۽ سياسي شخصيتن جنم ورتو آهي ۽ ان خاص شخصيتن ۾ خانصاحب عبدالڪريم پلي جهڙي شخصيت شامل آهي ، هن چيو ته ٿر سنڌ جو روح آهي شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ ان عظيم انسان جي روح سان رشتو جوڙن جي لاءِ ان جي تصور ۾ پنهنجي پاڻ کي شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي ، هن وڏيڪ چيو ته خانصاحب عبدالڪريم پلي  جي شاعري ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو عڪس نظر اچي ٿو ، خانصاحب عبدالڪريم پلي راڄ ڀاڳ وارو انسان هو هن هميشه غريب ۽ مسڪينن لاءِ ڪم ڪيو  ادبي ، سياسي  ۽ ڪلاسيڪل هجڻ جي باوجود غريبن سان پنهنجو رشتو قائم رکيو ۽ هميشه مسڪين ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ مصروف رهيا  ۽ سنڌ جي ڪلچر ۽ ثقافت سان هن جو عشق هو ، مهمان خاص نامور اديب ، سياسي ورڪر عوامي تحريڪ ميڊم عاليه خطاب ڪندي چيو ته خانصاحب عبدالڪريم پلي  جي شاعري لاجواب هئي ، هن جو شمار نالي واري اديبن ۾ ڪيو وڃي ٿو جيڪا اڄ سنڌ  جي تاريخ تي راج ڪري ٿو ، خانصاحب عبدالڪريم پلي سچو سياستدان هو ، مختصر وقت ۾ پنهنجو وڏو نالو ڪمايو ، هن چيو ته اڄ جي دور ۾ ادب ۽ سياست ٻه الڳ شيون آهن جيڪي پنهنجي انقلاب ۽ وجود وڃائي چڪيو آهن، اڄ جا نوجوان سوشل ميڊيا تي متحريڪ ٿي ويا آهن ۽ ادب کان پوئتي ٿين پيا ڇاڪاڻ ته اڄ جي ادب ۽ سماج ۾ اها طاقت ناهي رهي جيڪا اسان جي نسل تي اثر وجهي سگهي. ورسي تقريب کي نالي واري اديب، دانشور ، اسپورٽس مين رسول بخش رحمداڻي خطاب ڪندي چيو ته خانصاحب عبدالڪريم پلي ٿر ۽ عمرڪوٽ جو سماجي اڳواڻ هو ۽ هن پنهنجي تمام زندگي غريب ماڻهن جي خدمت ۾ گذري ، هن وڌيڪ چيو ته خانصاحب عبدالڪريم پلي سنڌي ٽوپي پسند ڪندو هو عام کاڌو ان جي شوق ۾ شامل هو هن غريب ماڻهن جي خدمت ڪئي هميشه پنهنجي اوطاق تي ڪچهريون ۽ مشاعرو سان سڄائيندا هئا. تقريب ۾ ناليواري ڪالم نگار  خالده منير ولهاري چيو ته  خانصاحب عبدالڪريم پلي جي شخصيت  انڊلٺي رنگ وانگي هئي سندن شخصيت جو هر پهلو پنهنجي مثال پاڻ هو، هن وڌيڪ چيو ته خانصاحب عبدالڪريم پلي جي شاعري جو مطالعو ڪري ان جي ڪردار کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. تقريب کي پروفيسر عبدالرئوف، لال سنگهه سوڍو، ميان گل منير ولهاري، اسڪالر احمد علي، مير محمد کوسو، پروفيسر غلام نبي شهاڻي ، آپا ملڪه ولهاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. خانصاحب عبدالڪريم پلي جي 28 ورسي جي موقعي تي رحمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي پاران مختلف فيلڊن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي ايوارڊ ۽ شيلڊ ڏنا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو