ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ)ٿر ريگستان ۾ ننگرپارڪر ويجهو برسات دوران 3 وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ 23 ڍور فوت ٿي ويا.ننگرپارڪر تحصيل جي ٻاهريان رات ۽ صبح جو تيز برسات دوران 3 وڄ ڪرڻ جا واقعا پيش آيا. مٺڙي هاليپوٽا، روجه ۽ ڊنڀيرو ڳوٺن ۾ گهرن جي ويجهو ٻيلي ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب 21 ڳئون ۽ 2 ٻڪريون فوت ٿي ويون. ڪالهه مٺي ويجهو وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ 17 ڍور فوت ٿي ويا ۽ 3 ڏينهن اڳ اسلام ڪوٽ ويجهو 47 ٻڪريون فوت ٿي ويون.صحت کاتي شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو طوفان دوران کليل ميدانن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن.










