ٿرپارڪر ناياب پکين لاءِ محفوظ پناهه گاهه آهي،آٰءِ يو سي اين

ٿرپارڪر ناياب پکين لاءِ محفوظ پناهه گاهه آهي،آٰءِ يو سي اين

اسلام ڪوٽ (رپورٽ صادق بجير ) پاڪستان ۾ ڳِجهن جي تعداد ۾ لاڳيتو گهٽتائي جي باوجود دنيا ۾ ماحولياتي جي تحفظ جي اتم اداري آءِ يو سي اين ٿرپارڪر کي ناياب پکين جي لاءِ محفوظ پناهه گاهه قرار ڏيئي ڇڏيو آهي.  اهڙو انڪشاف آئي يو سي اين پاران تازو ڪيل سروي ۾ ٿيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٿرپارڪر جي ننگرپارڪر ۽ گوڙاڻو ڍنڍ وارا علائقا ڳِجهن لاءِ محفوط پناهگاهون آهن. آئي يو سي اين، اها سروي سنڌ ٻيلي کاتي، زولاجيڪل سروي آف پاڪستان، ٻانهه ٻيلي جي سهڪار ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي مالي سهائتا سان ڪيل ڳجهن جي  بچاءَ واري رٿا تحت ڪئي آهي.

سنڌ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب هن سروي جو دائرو جيتوڻيڪ سڄو سنڌ صوبو هو پر رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٿرپارڪر، سنڌ جو اهو علائقو آهي جتي ڳجهن جو تعداد وڌيڪ  آهي. ڳجهون اهي مرده خور پکي آهن جيڪي مئل جانورن کي کائن ٿيون ۽ اهڙي مشق ذريعي ماحول ۾ بهتري سميت ماحول کي صاف ڪرڻ سميت بيمارين جي پکڙجڻ کان پڻ بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. رپورٽ موجب هيلوڪين برساتن کان اڳ۾ 6 مختلف ناليوارين تنظيمن. آئي يو سي اين جي ماهرن ، پرائيويٽ ڪنسلٽنٽس ،  وٽرنيرين  ۽ فيلڊ  ايڪالاجسٽ پاران سروي ڪئي وئي هئي. سروي موجب 450 کان مٿي وائيٽ بيڪڊ، لانگ بلڊ، ريڊ هيڊيڊ، مصري ڳجهون ٿرپارڪر ۾ ملن ٿيون ۽ ٿوري مقدار ۾ کيرٿر جبل ۾ پڻ موجود آهن. ٿرپارڪر ۾ گوڙاڻو ڍنڍ جيڪا ٿر ڪول کاڻين وٽ آهي اها پکين جي وڏي تعداد کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري ٿي اتي 425 ڳجهون جنهن ۾ وائيٽ بيڪڊ، ريڊ هيڊيڊ ۽ مصري نسل جون ڳجهون ڏٺيون ويون آهن. سروي رپورٽ ۾ سفارش ڪئي ويئي آهي ته سنڌ ۾ جتي ڳجهون موجود آهن اتي ڳجهن جون محفوظ پناهه گاهون ٺاهيون وڃن، جنهن ۾ ٿرپارڪر ، کيرٿر نيشنل پارڪ ۽ گورک جابلو ايراضي شامل آهي. اهو پڻ چيو ويو آهي ته جانورن جي لاءِ متبادل دوائون جيڪي ڳجهن لاءِ زهريليون ناهن اهي استعمال ڪيون وڃن. لاڳاپيل قانون تحت ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پاران اهڙين زهريلين دوائن تي پابندي وڌي وڃي جيڪي ڳجهن لاءِ نقصانڪار آهن. آئي يو سي اين جي پراجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر نويد سومري چيو ته هن کان اڳم اهي سروي سنڌ ۾ ننڍي پيماني تي  صرف ننگرپارڪر ۾ ٿيندا هئا. جيڪو ڳجهن جي آبادي جو آخري محفوظ پناهه گاهه هو يا اهي سروي صرف بريڊنگ واري مند ۾ ئي ڪيا ويندا هئا .سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي سي اي او سيد ابوالفضل رضوي چيو ته ٿر جي فطري ماحول جو تحفظ اسان جي بنيادي پاليسي جو حصو  آهي. هن چيو ته انهي سبب اسان خاص طور تي ٿر ۾ ڳجهن جي تحفظ لاءِ آئي يو سي اين ۽ پاڪستان جي پکين جي ماهرين جون خدمتون حاصل ڪيون آهن. پاڪستان جي پکين جي معاملن جي مشهور ماهر ڊاڪٽر زيڊ بي مرزا چيو ته آئي يو سي اين جي رپورٽ طبعي ڀاڱن خاص ڪري چراگاهن ۽ جتي چاري وارا وڻن وارن سنڌ جي علائقن ۾ بدقسمتي سان جانورن ۾ استعمال ٿيندڙ دوائون ڳجهن لاءِ زهريليون آهن. ڊاڪٽر مرزا واضع ڪيو ته سروي رپورٽ جي خاص نقطن موجب ڳجهن جي محفوظ پناهه گاهن ۽ جاڳرتا جي مهم هلائي وڃي.

هن چيو ته پاڪستان ايشيا جي انهن خوشقسمت ملڪن ۾ شامل آهي جتي ڳجهن جا 9 مان 8 قسم موجود آهن. پر بدقسمتي سان 1990 کان پوءِ ڳجهن جي سڀني نسلن جي آبادي گهٽجي رهي آهي، جن جي تحفظ لاءِ اپاءُ وٺڻ اڻٽر آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ جانورن واريون اين ايس اي آئي ڊي دوائون جهڙوڪر ڊائڪلوفينڪ ڳجهن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهن، ڳجهه اهي ڍونڍ کائي ٿي ۽ انهي منجهان اهي زهريليون دوائون منتقل ٿي کين نقصان پهچائن ٿيون. ڊائڪلوفينڪ تي پاڪستان ۾ 2006 ۾ پابندي لڳائي وئي هئي. هن تحقيق ۾ طبعي ڀاڱن تي وڌندڙ خطرن، کاڌي جي عدم موجودگي، جانور جي  مردار ڍونڍ ضايع ڪرڻ جي طريقيڪار کي تبديل ٿيڻ جي ڪري به ڳجهن جي گهٽتائي جي سببن کي پڻ رپورٽ ذريعي ظاهر ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو