گڊو(فرحان قريشي) ٿرمل پاورهائوس گڊو جي امڪاني نجڪاري خلاف آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جي سڏ تي سوين ملازمن ليبر ڪلب کان احتجاجي مظاهرو ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب ڪشمور-رحيم يار خان- سوئي- گهوٽڪي طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. واپڊا ملازمن جي احتجاج جي حمايت ۾ دڪاندارن پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي ريجنل چيئرمين شمس الدين سولنگي، خادم بوهڙ، محمد سليم ڀٽو، اي ڊي ملڪ، نياز سومرو، نواز علي ڏاهاڻي ۽ ٻين چيو ته گڊو ٿرمل پاورهائوس منافعي بخش ادارو آهي وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن منافعي بخش ادارن جي نجڪاري ڪري ملڪ کي ڏيوالپڻي طرف ڌڪي رهيا آهن. هنن چيو ته واپڊا ملازمن جي جائز احتجاج جو نوٽيس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ گڊو بجلي گهر جي پيداوار بند ڪري روڊن تي نڪري سخت احتجاج ڪنداسين.










