اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز جي رپورٽ تي ردعمل ڏنو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي ڪير فنڊنگ ڪري رهيو آهي، اهو راز سامهون ڇو نٿو اچي؟ اڳوڻي وزير مطالبو ڪيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ ٽنهي پارٽين جي فنڊنگ جو فيصلو گڏ ڪيو وڃي.فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ 40 هزار کان وڌيڪ ڊونرز جا تفصيل اليڪشن ڪميشن کي ڏئي ڇڏيا، اوورسيز پاڪستاني پاڪستان تحريڪ انصاف کي فنڊ ڏيندا آهن، فنڊنگ قانون جو مقصد ووٽرن کي خبر ڏيڻ آهي ته سياسي پارٽي کي ڪير فنڊنگ ڪري رهيو آهي.










