اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پنهنجي ڏاڏي زرين آرا زرداري جي لاڏاڻي تي زرداري هائوس پهچي تعزيت ڪئي وئي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي لاڏاڻي تي راجا پرويز اشرف، فرحت الله بابر، راجا رياض، چوڌري ياسين، ميان منظور احمد وٽو، مصطفيٰ نواز کوکر ۽ ٻين پاران تعزيت جو اظهار ڪيو ويو. قمر زمان ڪائره، مهدي شاهه، عامر فدا پراچا، شميم آفريدي، سحر ڪامران، امجد آفريدي، شاهه گل آفريدي، انجنيئر شوڪت الله ۽ ٻين پڻ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان تعزيت جو اظهار ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوابزاده افتخار احمد خان بابر، محمد علي شاهه باچا، نويد جيوا، تسنيم قريشي، امتياز صفدر وڑائچ، راڻا شرافت علي ۽ ٻين سان پڻ تعزيت ڪئي.










