پ پ ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي،حليم عادل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته وزيراعظم سان ملاقات ڪري کيس سنڌ جي صورتحال بابت آگاهي ڏني، ارسا پاران پاڻي بابت ڏنل بريفنگ مطابق گليشيئر گهٽ ڳريا ته پاڻي گهٽ آيو آهي، حليم عادل شيخ چيو آهي ته جيئن گذريل سال صوبن مان وصول گهٽ ٿي تي صوبن کي فنڊ به ڪجه گهٽ رليز ٿيا، پر پ پ چيئرمين ان تي به چيو ته سنڌ جا پئسا وفاق کائي ويو، هن چيو آهي ته پ پ ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ بڻجي وئي آهي، پاڻي جي معاملي تي پ پ سنڌ ۽ پنجاب کي وڙھائڻ چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو