ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي طرفان مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان سڀاڻي رٿيل ڌرڻو ختم ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.هڪ بيان ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته نيوي جي امن مشقن کي ڌيان ۾ رکندي فيصلي تي نظرثاني ڪري سگهجي ٿي پر فيصلو گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري سان ملاقات کانپوءِ ڪيو ويندو.هن چيو ته پ پ، ايم ڪيو ايم جا مطالبا تسليم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جيڪڏهن عملي قدم کنيا ويا ته ڌرڻو ختم ڪيو ويندو.ياد رهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان 12 فيبروري کان گورنر هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيو هو.










