ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ اڳواڻ وقار مهدي سنڌ مان بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي ويو.اليڪشن ڪميشن سنڌ جي پڌرائيءَ موجب پ پ جو وقار مهدي صوبي مان سينيٽر چونڊجي ويو آهي، اها سيٽ مصطفيٰ نواز کوکر جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿي هئي.ان حوالي سان صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي اميدوارن کي هٿ کڻايو، جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون، اهو آصف زرداري جي مفاهمتي پاليسي جو تسلسل آهي.










