ٺٽو(ن سنڌيار) وزير اعليٰ سنڌ جي معاون خاص پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي هيلايا، علي بحر، سونڊا، ساپا موري، جهرڪ سائيڊ سميت مختلف برسات متاثر علائقن جا دورا ڪري متاثرين کان ملاقاتون ڪري سندن مسئلا معلوم ڪري ان موقعي تي موجود مختيارڪار ٺٽو کي ھدايتون ڪيون تہ فورن حقيقي متاثرين کي رليف فراهم ڪري سندن تڪليفون دور ڪيون وڃن. ان موقعي تي وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو تہ اسين هن مشڪل گهڙي ۾ متاثرين سان گڏ آهيون، بابا سائين الحاج سيّد اعجاز علي شاھ شيرازي جي نقش قدم تي هلندي عوام جي خدمت اخري دم تائين جاري رکنداسين. ھن چيو تہ برسات کان وڌيڪ سنڌو درياء ۾ آيل اوچتو چاڙھ وڏي تباھي آندي آھي، جنھن سموري ڪچي سميت ٻيٺل فصلن کي ٻوڙي ڇڏيو آھي، جنگن ڪري ڪچي جا رھواسي رڳو جانيون کڻي ٻاھر نڪتا آھن، پر اسان انھن جي ھرممڪن مدد ڪرڻ ۾ رڌل آھيون، جن کي تنبو، راشن سميت سمورو رليف مھيا ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي غلام حسين ٻٻر، غلام نبي ٻٻر، شاھنواز هيلايو, اشرف جاکرو، علي حيدر شاھ، شاھجهان سميت ٻيا معززين پڻ موجود ھئا.










