پ پ اهم اتحادي آهي ۽ ڊجيٽل رائيٽس بل جي آجيان ڪندي

پ پ اهم اتحادي آهي ۽ ڊجيٽل رائيٽس بل جي آجيان ڪندي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سينيٽر افنان الله جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي اهم اتحادي آهي، ڊجيٽل حقن بابت بل جي آجيان ڪنداسين.ڳالهائيندي هن چيو ته انٽرنيٽ جي معاملي تي ڪيترائي اجلاس ٿي چڪا آهن، اميد آهي ته ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا.سينيٽر افنان الله چيو ته ن ليگ حڪومت ماضي ۾ به ڊيليور ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ به ڊيليور ڪندي.هن چيو ته ڪوشش آهي ته سرڪاري کاتن جا مسئلا حل ڪري انٽرنيٽ جي رفتار کي بهتر بڻايو وڃي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته آفريڪا 2 ڪيبل جي ڪري انٽرنيٽ جي رفتار به بهتر ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو