ٺٽو(ن س) ڪينجھر ڍنڍ تي قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس اياز لطيف پليجو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، اجلاس کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار ۽ ڪرپشن لاءِ سنڌ جو ھر سودو ڪرڻ لاء تيار آھي. 18ھين ترميم تان ھٿ کڻي وسيلا وفاق کي ڏئي ڇڏيا، سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن، انھن تي قبضو برداشت نہ ڪيو ويندو. وفاق پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي نہ ڪري، سنڌ جو سمنڊ ايشيا جو گيٽ وي آھي، عالمي سامراجي طاقتون ھن خطي تي قبضي لاءِ سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جي سازش ڪري رھيون آھن،سنڌ جو عوام پنھنجي سمنڊ ۽ ٻيٽن تي قبضي جي سازش برداشت نہ ڪندو ۽ نئون اسرائيل بنجڻ نہ ڏينداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت سمجهي ٿي تہ سنڌ جو ڪو بہ ڌڻي سائين ڪونهي، سنڌي ماڻهو ڪڇندا ڪون. سنڌ ڪرپشن ڪندڙ حڪمرانن جي ڪونهي سنڌ وڏيرن ڪرپٽ وزيرن جاگيردارن جي ڪونھي سنڌ بکين مسڪينن غريبن ھارين مزدورن جي آهي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ اسان جي ھزارين سالن جي سر زمين آھي ڪراچي جا سامونڊي ٻيٽ تہ ڇا پر سنڌ جو ھڪ بہ انچ وفاق جي حوالي ڪرڻ نہ ڏينداسين سنڌ جو عوام متحد ۽ منظم ٿي چڪو آهي سنڌي پنهنجي ڌرتي کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي تباهي جي ذميوار پ پ پ حڪومت آهي جيڪا مسلسل پندرهن سالن کان وٺي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي ھنن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪو بہ واسطو ناهي، پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سدائين سنڌ جي حقن تي سوديبازي ڪئي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ زرداري مافيا ۽ پيپلزپارٽي غريب عوام کي غلام سمجھن ٿا.جمھوريت جا ڪوڙا نعرا ھڻندڙ حڪمران اصل ۾ ڊڪٽيٽر، ظالم ۽ عوام دشمن پاليسيون رکندڙ آھن۔ صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاء جمھوريت جو ڪوڙو ڍونگ ڪن ٿا۔ ھنن جا ھاٿي وانگر ڏند ڏيکارڻ وارا ھڪڙا ۽ کائڻ وارا ٻيا آھن۔ ھنن عوام کان 2 وقت جي ماني ڦري ورتي۔ ڪرپٽ حڪمرانن وٽ غريب عوام لاء ڪو احساس ناھي۔ اقتدار ھنن جو ڪاروبار آھي۔ ڪروڙين روپيا خرچ ڪري اربين روپيا ڪمائي عوام کي بدحال ڪن ٿا۔اياز لطيف پليجي چيو تہ آصف زرداري ايم ڪيو ايم سان ٻيھر اقتدار لاءِ معاھدو ڪري ڪوڙي آدمشماري ڪري سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ ڪرائي رھيو آھي. ڊجيٽل آدمشماري سنڌ آھي، سنڌ تي تمام وڏو حملو آھي. دھشتگردن کي ٻيھر طاقتور بنائڻ واري ڊجيٽل آدمشماري کي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪيو ويندو. پرامن جدوجھد ذريعي سنڌ دشمن سازش کي ناڪام بڻائينداسين.اياز لطيف پليجي چيو تہ آدمشماري عملي کي مليل ڊوائيزون 70 سيڪڙو خراب آھن عملي کي ڪابہ سيڪيورٽي ناھي. ڪراچي سميت وڏن شھرن ۾ من پسند. عملو مقرر ڪري سنڌ دشمن نتيجا حاصل ڪيا ويندا. اجلاس ۾ مظھر راھوجو، روشن ڪنراڻي،الطاف خاصخيلي، ادي زينت سمون نصرت خاصخيلي، اشرف پليجو شوڪت تنيو، ڊاڪٽر گلزار جماڻي ايڊووڪيٽ منور جتوئي شبير ڀٽي، شوڪت سريوال انور نوحاڻي دانش پرمار ۽ ٻين شرڪت ڪئي.










