ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته لاڊلن جو مطالبو آهي ته صدر ٽائون جيالن کي ڏنو وڃي، پيپلز پارٽي آئين کي پامال ڪري کيس ڪراچي جو ميئر بڻائڻ چاهي ٿي.ڪراچي ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن جي نالي تي عوام سان مذاق ڪيو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن پيپلز پارٽي جي غلام بڻجي وئي آهي.هنن چيو ته تحريڪ انصاف جون مخصوص سيٽون آر اوز جي لسٽ مان غائب ٿي ويون آهن، اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ڪري، ڪراچي جو ميئر جماعت اسلامي جو هوندو، تحريڪ انصاف جا نمائندا اسان سان رابطي ۾ آهن. حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته شهر ۾ لوڪل گورنمينٽ سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، ڪي فور منصوبو 18 سالن ۾ نه ٺهي سگهيو، بلاول ٻڌايو ته ڪي فور پلان ڇو نه ٺاهيو ويو؟ هن چيو ته توهان کي ٽينڪر مفت ملندا، غريبن کان پڇو ته هو ڪهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فوري ٻڌڻي جي درخواست ڪئي.جماعت اسلامي ڪراچي جي امير چيو ته مڪاني چونڊون يرغمال بڻيل آهن، سنڌ حڪومت انهن چونڊن تي قبضو ڪرڻ لاءِ گندا حربا استعمال ڪري رهي آهي.سندس چوڻ آهي ته اڍائي سالن جي جدوجهد کانپوءِ مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيون، تڪراري ووٽر لسٽن باوجود جماعت اسلامي کي سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا.امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان الزام لڳايو ته پيپلز پارٽي غير جمهوري طريقي سان آر اوز ذريعي نتيجا تبديل ڪيا.هن جو اهو به چوڻ آهي ته آر اوز ذريعي نتيجا تبديل ڪري پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا، تحريڪ انصاف جي سيٽن تي به اهڙي ئي طرح قبضو ڪيو ويو.










