پ ٽ الف اڳواڻ جي مان ۾ آجياڻو، اجرڪ پيش

بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ) پ ٽ الف جي مرڪزي اڳواڻ ميڊم انيتا خان ۽ مقبول احمد سھتو، رمضان ميمڻ ڪراچي مان ماتلي پھچي ماتلي اتحاد جي آفيس ۾ ماتلي اتحاد جي صدر محمد رفيق ميمڻ ۽ عهديدارن سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي ماتلي اتحاد جي صدر رفيق ميمڻ ميڊم انيتا خان کي ۽ ساڻس گڏ وفد ۾ شاملن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفه  پيش ڪيا، ميڊم انيتا خان ماتلي جي پرائمري عورت استاد توقير فاطمه شاه جي مسئلي تي بهترين جدوجهد تي ماتلي اتحاد ۽ محمد رفيق ميمڻ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سنڌ جي عورت استادياڻيون محمد رفيق ميمڻ جي ڪردار کي ھميشه ياد رکنديون جو ھن وڏي بھادري ۽ ديده دليري سان ماتلي جي عورت اڳواڻ توقير فاطمه شاه جو ساٿ ڏنو انهي موقعي تي محمد رفيق ميمڻ چيو ته استاد جو ڪردار سڀن کان مٿڀرو ھوندو آھي ۽ استاد ئي سنڌ ۾ حقيقي تبديلي آڻي سگهن ٿا هڪ عورت استاد سان ان جي کاتي جا آفيسر ظلم زيادتي ڪن ۽ کيس جنسي حراسمنٽ ڪن اھا ڳالھ معاشري لاء شرمناڪ آھي  سنڌ جو هر با شعور فرد تي استاد جو ساٿ ڏيڻ فرض بڻجي وڃي ٿو ميڊم انيتا خان ۽ رفيق ميمڻ گڏيل طور تي ماتلي جي عورت استاد توقير فاطمه شاه کي انصاف ڏيارڻ تائين گڏيل جدوجهد جو وچن ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو