مانجهند(رپورٽ مهراڻ عمراڻي) ٽائون ڪميٽي ۾ 3 مهينن کان پگهارن کان محروم صفائي عملي جي ڪچن ملازمن بيوه عورت روبينا شيخ، عيدن شيخ قربان شيخ جي گهرن کي اچانڪ باه وڪوڙي وڃڻ سبب کٽون بسترا رڌ پچاء جو سامان ۽ گهر سڙي رک ٿي ويا جڏھن ت گهر ۾ موجود عورتن ٻارڙن ڀڄي جان بچائي سندن ڪيهاٽن تي پاڙيسري پهچي ٽائون انتظاميا کي اطلاع ڏنو پر انتظاميا فائربرگيڊ نه موڪلي جنهن سبب پاڙي وارن پنهنجي مدد پاڻ تحت باه وسائي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو متاثرن ٻڌايو ت ٽائون آفيسر سندن ٽن مهينن کان پگهارون جاري ناهن ڪيون جنهن سبب بک بدحالي ۾ زندگي گذاري رهيا آھيون سندن مرد ڪڻڪ ۾ لابارو ڪرڻ لاء ٻاهر ويل هئا اچانڪ باه ڀڙڪي اٿي جنهن جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو اجها سڙڻ سبب کليل آسمان هيٺ نٽھڻ اس ۾ ويٺل آھيون هنن وس وارن ۽ سرندي وارن کان مطالبو ڪيو ت سندن پگهارون جاري ڪرائي اجهو ٺھرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي










