اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)حڪومت سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد وفاقي گادي واري شهر ۾ سرڪاري ملازمن پاران پگهارن ۾ واڌ لاءِ احتجاج ڪيو ويو، پارليماينٽ هائوس آڏو احتجاج ڪندڙن کي پوليس ڪريڪ ڊائون ڪري ڪيترن ئي ملازمن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي منقتل ڪري ڇڏيو، پوليس سرڪاري ملازمن جو ڌرڻو ناڪام بڻائڻ لاءِ وڌيڪ پڪڙ ڌڪڙ به شرع ڪري ڇڏي، جڏهن ته حراست ۾ ورتل چيف آرگنائزر آل پاڪستان ايمپلائز گرينڊ الائنس رحمان باجوا به شامل آهي، پوليس سيڪريٽريٽ ويندڙ رستن تي رڪاوٽون رکي بند ڪري ڇڏيو ۽ احتجاج ڪندڙن کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها گئس جو استعمال به ڪيو، جڏهن ته ملازمن طرفان پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو آهي. ڳوڙها گيس سبب آس پاس جي آفيسن ۾ به ماڻهو ڊسٽرب ٿيا.ملازمن جو چوڻ آهي ته پرويز خٽڪ ۽ شيخ رشيد ساڻن ڳالهيون ڪيون ۽ گريڊ هڪ کان 22 تائين 40 سيڪڙو پگهارن ۾ واڌ تي اتفاق ڪيو بعد ۾ چيائون ته گريڊ هڪ کان 16 تائين رڳو 24 سيڪڙو واڌ ٿيندي. ملازمن ريڊ زون ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو.










