پگهارون نه مليون،ملازم بکون ڪٽڻ تي مجبور،احتجاج

مٺي (ن س)ٿرپارڪر ۾ آر او پلانٽ جي ملازمن کي 29 مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري سراپا احتجاج بڻيل آهن سنڌ گورنمينٽ اوصلو ڪمپني کي ٻيون دفعو ٺيڪو ڏيئي اربين رپيا ڪرپشن ڪرڻ ۾ رڌل، اوصلو ڪمپني ملازمن جي پگهارن مان 4500 روپيا ڪٽوتي ڪري 13000 رپيا ڏنا وڃن ٿا صرف 03 مهينن جون پگهارون ڪجهه ملازمن کي مليون آهن 150 جي لڳ ڀڳ ملازمن کي پگهارون نه مليون آهن ڪجهه ملازم کي جعلي چيڪ ڏيئي رلايو وڃي پيو ڪير به انهن کان پڇاڻو ڪرڻ وارو ناهي صرف آر او پلانٽ وزٽ ڪري ڪوڙا بل ٺاهي ڪرپشن ڪن ٿا نه آر او پلانٽ فعال ڪن ٿا نه ئي ٽايئم سر ملازمن کي پگهارون ڏين ٿا پبلڪ هيلٿ منسڙ، پبلڪ هيلٿ سيڪريٽري ، پبلڪ هيلٿ ايڪسين ۽ پبلڪ هيلٿ جا سمورا آفيسر ۽ چونڊيل نمائيندا اوصلو ڪمپني اڳيان بيوس بڻيل آهن ٿر جي عوام ۽ آر او پلانٽ آپريٽرن سان سنڌ گورنمينٽ اوصلو ڪمپني کي ٻيون دفعو ٺيڪو ڏيئي ظلم ڪري رهيا آهن ڪير به ڌڻي سائين ناهي ملازمن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ ، خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن پگهارون نه ملڻ پگهارن مان ڪٽوتي ڪرڻ وقت سر پگهارون نه ملڻ ڪري ملازمن جا ٻچا هڪ ويلي ماني ڳڀي لاءِ پريشان بڻيل آهن سراپا احتجاج بڻيل آهن ان موقعي تي عرفان بجير، کيتو مل، رميش، خدابخش، لڌو ميگهواڙ، ڪوير ميگهواڙ ۽ ٻين داهندي چيو ته هڪ هفتي ۾ رهيل 29 مهينن جون پگهارون جاري ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو ۽ هاءِ ڪورٽ جو در کڙڪايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو