ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي ملازمن پاران سندن پگهار مان ٽائون انتظاميا پاران بلاجواز ڪٽوتي ڪرڻ خلاف ٽائون ڪميٽي آفيس کان ريلي ڪڍي باگو واه پل واري چوڪ تي سخاوت بلوچ، حبيب پنهور، سليم ميمڻ ۽ هيمي ڀنگي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي ايمپلائز يونين جي اڳواڻن چيو ته ٽائون ڪميٽي جي انتظاميا في ملازم جي پگهارن مان 5 کان 18 هزار روپيا ڪٽوتي ڪئي آهي. هنن ٻڌايو ته هر مهيني ملازمن جي پگهارن مان ناجائز ڪٽوتي ڪري غريب ملازمن جي ٻچن جي وات مان گره ڦريو پيو وڃي. ٽائون ملازمن وزير اعلي سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر بدين کان گهر ڪئي آهي ته غريب ملازمن جي پگهارن مان ڪيل ڪٽوتي واپس ڪئي وڃي. ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي ملازمن پاران سندن پگهارن مان ڪيل ڪٽوتي خلاف باگو واه پل واري چوڪ تي لڳل ڌرڻو ختم ڪري ٻيهر ريلي ڪڍي ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان غلام محمد خواجه عرف دلبر سنڌي، مير محمد بخش ٽالپر، سخاوت بلوچ ۽ حبيب پنهور جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽائون ملازمن پاران پگهارن مان ڪيل ڪٽوتي واپس نه ڪرڻ تائين ڪم ڇڏ هڙتال ڪرڻ جو اعلان ،










