ڇور(سروپ سنگهه) ٽائون ڪاميٽي جو تمام وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ حويلي ٺڪر جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول جا ھلندڙ ڪلاس دوران اچانڪ ڇت جا چاپڙ ڪري پيا ٻارڙا ۽ استاد ٻاھر نڪري آيا، هو معجزاڻي طور زخمي ٿيڻ کان بچي ويا. ٻارڙن ۽ استادن اسڪول جي فوري مرمت جو مطالبو ڪندي احتجاجي مظاھرو ڪيو.

ٻارڙن دليپ، پروين، ڀون، ميناٻائي ۽ ڪويتا ٻڌايو تي اسان جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول حويلي ٺڪر جي عمارت ڪمزور آهي. اڄ اسان ڪلاس روم ۾ پڙھائي ڪري رھيا ھئا سين ته اوچتو ڇت جا چاپڙ ڪرڻ لڳا ۽ اسين خوف ۾ ڪلاس کان ٻاهر نڪري آياسين. اسين تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ ۽ ٻين اعلي اختيارين کي اپيل ڪريون ٿا ته اسڪول جي ڇت جي فورن مرمت ڪرائي وڃي جيئن اسان جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچي سگھي.










