نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) ڳوٺ شهمير چانڊيو لڳ پورهيت سڪندر چانڊيو جي زال مسمات بختاور ۽ ڀيڻ ڪلثوم چانڊيو پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي دعويٰ ڪئي ته ٽي ڏينهن اڳ ڳوٺ غازي خان هوت جي رهواسي با اثرن امان الله هوت، عابد شر، ڦوٽو، اشرف، نيازي هوت ۽ ٻين سندن 17 ورهين جي نوجوان علي جان چانڊيو کي چانهن ۾ نشي آور گوريون ملائي بيهوشي جي حالت ۾ مٿس وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد ساڻس اجتماعي بد فعلي ڪرڻ بعد کيس مرڻينگ حالت ۾ گهر ٻاهران ڦٽو ڪري ويا هنن چيو ته اهڙي ظلم خلاف جڏهن علي جان جو والد سڪندر چانڊيو تعلقي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ ويو ته پوليس اين سي داخل ڪرڻ جو دلاسو ڏئي کيس متاثر نينگر علي جان چانڊيو جي ميڊيڪل رپورٽ لاءِ چيو. بعد ۾ پوليس اسان جي ڳوٺ آئي ۽ سڪندر چانڊيو کي گرفتار ڪرڻ چاهيو ته هو موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڳوٺ جي معززين کي اطلاع ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته پوليس اهلڪارن مٿس فائرنگ ڪئي ۽ کيس زخمي حالت ۾ پي ايم يو اسپتال ۾ داخل ڪرايو . هنن چيو ته جوابدارن خلاف پوليس پاران ڪو به قدم نه کڻڻ سبب اهي ظالم وڌيڪ ظلم تي لهي آيا آهن ۽ اسان جي گهرن ۾ گهڙي اسان جي گهر جو سامان هنڌ کٽون گهر ٻاهران رکي اتي سر عام ويٺا آهن ۽ پوليس انهن خلاف ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي متاثر عورتن ميڊيا آڏو بيوسي جا لُڙڪ لاڙيندي آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي شهيد بينظِير آباد کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.










