پي ڊي ايم پاران اعتماد جي ووٽ واري اجلاس جو بائيڪاٽ

سکر(بيورو رپورٽ)اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم وزيراعظم عمران خان جي اعتماد جي ووٽ لاءِ گهرايل اجلاس جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال تي هن چيو ته حيرت آهي ته جن ماڻهن کي هن ويڪائو قرار ڏنو اڄ انهن کان ڪهڙي منهن سان اعتماد جو ووٽ ٿو وٺي. هن چيو ته تبديلي سڀني اڳواڻن مشاورت بعد اهڙو فيصلو ڪيو. سينيٽ چونڊ ۾ حفيظ شيخ جي هارائڻ ۽ يوسف رضا گيلاني جي کٽڻ بعد وزيراعظم اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صدر ڇنڇر تي سوا ٻارهين وڳي اجلاس طلب ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو