اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)وفاقي اطلاعات واري وزير شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پي ڊي ايم جي اڳواڻ جي خلاف سندس ئي پارٽي ۾ تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم تحريڪ ختم ٿي رهي آهي پي ڊي ايم ۾ تضاد آهن ڪجهه ميمبراستعفيٰ ڏيڻ چاهين ٿا ۽ ڪجهه استعيفا نه ٿا ڏين چاهين.ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور چيو آهي ته مولانا شيراني ۽ حافظ حسين احمد ، جي يو آءِ جي سينئر اڳواڻن ۾ شامل هئا ، پارٽي اڳواڻن کي جواب ڏيڻ جي بدران انهن کي پارٽي مان نيڪالي ڏني وئي ، پي ڊي ايم هڪ چور تحريڪ آهي.










