پي ڊي ايم حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪندي، لشڪري رئيساڻي

پي ڊي ايم حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪندي، لشڪري رئيساڻي

نيوسعيد آباد (ن سنڌ يار) مولانا فضل الرحمان کي ڳڙھي خدا بخش ۾ شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ گھرجي ھا- سندس شرڪت نه ڪرڻ سبب مخالف اجايا تبصرا ڪري رھيا آھن. سليڪٽڊ وزيراعظم کي پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان گھر ڀيڙو ڪيو ويندو.اڳوڻي سينيٽر نواب لشڪري رئيساڻي نيو سعيد آباد ۾ پير محڪم الدين شاهه راشدي ۽ پير منور شاهه راشدي پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ھن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته گذريل 72 سالن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت سبب پاڪستان ترقي نه ڪري سگھيو آھي، وزيراعظم نالي ماتر آھي، حڪومت ڪرڻ وارا ٻيا آھن.عوامي حڪومتن جي خلاف اسٽيبلشمينٽ ئي سازشون ڪري ٿي، جنھن سبب ملڪ تباھي طرف وڃي رھيو آھي. ھن چيو ته آئيني ۽ انتظامي بحران آھي، جنھن سبب عوام جي حق تلفي ٿي رھي آھي. پاڪستان ۾ جيستائين اسٽيبلشمينٽ مداخلت ختم نه ڪندي تيستائين عوام کي حق نه ملندا.ھن چيوته بلوچستان واسين کان تعليم کسڻ ۽ حق نه ملڻ سبب اتي جو عوام باغي ٿي رھيو آھي، جنھن جي ذميوار اسٽيبلشمينٽ آھي. نيب ڊرامي بازي آھي، سياستدانن جون پڳون لاھڻ لاءِ ان کي استعمال ڪيو پيو وڃي، ھي ھٿ ٺوڪي جمھوريت آھي، عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ھنن حڪمرانن کي جمھوري چورايو پيو وڃي. ھن چيو ته ھن حڪومت مان جان ڇڏائڻ لاءِ پي ڊي ايم ۾ شامل سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ننڍا ننڍا اختلاف ختم ڪري عمران خان جي حڪومت جي تڏا ويڙهه لاءِ عملي جدوجھد ڪرڻ گھرجي.ان موقعي تي ايڊووڪيٽ پير نويد شاهه راشدي، پير معظم شاهه راشدي، پير امجد شاهه راشدي، سھيل ڏاھري، رحيمداد بروھي ۽ ٻيا موجود ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو