پي ڊي ايم حڪومت مهانگائي جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

پي ڊي ايم حڪومت مهانگائي جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ذيزل تي ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪسز جي تفصيل اچڻ تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪندي ان کي پي ڊي ايم حڪومت پاران عوام کي رليف ڏيڻ جي دعون ۽ وعدن جي نفي قرار ڏيندي عوام دشمن فيصلو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽرول جي خالص قيمت 161 رپيا في لٽر جڏهن ته هڪ لٽر تي 91 رپيا36 پئسا ٽيڪس ۽ ڊيزل جي في لٽر قيمت166 رپيا ۽ ٽيڪس 87 رپيا49 پئسا وصول ڪيو پيو وڃي جيڪو مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ستايل عوام سان سراسر ظلم آهي، حڪمران اتحاد آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي فرمائش تي عوام جو رت چوسڻ ۾ مصروف ۽ پنهنجون عياشيون ختم ڪرڻ لاءِ هرگز تيار ڪونه آهن. صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف سان ڪيل تازي معاهدي کان پوءِ ملڪ ۾ بجلي، گيس سميت روزاني واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ بي حساب اضافو ٿي رهيو آهي، کنڊ في ڪلو150 جڏهن ته اٽو160 کان 170 رپيا في ڪلو ملي پيو، نيپرا پاران بجلي اگهه ۾ ڪيپسٽي چارجز شامل ڪرڻ حڪمران ٽولي جي بي حسي ۽ سنگدلي جو کليل ثبوت آهي، بجلي جي پيداواري قيمت في يونٽ 6 رپيا 22 پئسا آهي جنهن ۾ 16 رپيا22 پئسا ڪيپسٽي چارجز کان علاوه ڳرا ٽيڪس لڳائي هڪ يونٽ 40 رپين کان وڌيڪ مهانگو ڪيو ويو آهي. هن وقت ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري سڀ کان وڏو مسئلو اهي ڪوبه ملڪ ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين ان جو عوام خوشحال نه هجي، پر هتي “اٽي، لٽي ۽ اجهي” جو نعرو هڻي حڪمراني جا مزا ماڻيندڙ بي حس حڪمران عوام کي بنيادي ضرورتن کان به محروم ڪري رهيا آهن، پي ڊي ايم حڪومت مهانگائي جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، هر ڏهن ڏينهن کان پوءِ بجلي، گيس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو عوام مٿان قيامت بڻجي ڪري ٿو، مهانگائي، بيروزگاري، ڪرپشن، دهشتگردي ۽ عدم تحفظ جو احساس اڳ ۾ ئي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، مٿان وري بجلي ۽ گيس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ پيٽروليم مصنوعات مٿان ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس لڳائي عوام جي چيلهه چٻي ڪئي پئي وڃي. محمد حسين محنتي پُرزور مطالبو ڪيو ته في الفور بجلي، گيس سميت روزاني واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ پيٽروليم مصنوعات مٿان ڳرا ٽيڪس ختم ڪري حڪومت عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کڻي ٻي صورت ۾ جماعت اسلامي عدالت، روڊن سميت عوامي فورم تي ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو