اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي چونڊ پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ 9 رڪني لارجر بينچ ۾ شامل جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي تي اعتراض اٿاريندي کين بينچ کان هٽائڻ جي درخواست ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بينچ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ننڍي چونڊ بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي.لارجر بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظهر علي اڪبر نقوي، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن. سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي جي شروعات تي اٽارني جنرل روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڪاپي ناهي ملي، سمورين ڌرين کي نوٽيس نه مليا آهن.ان تي چيف جسٽس چيو ته اڄ جي ٻڌڻي جو مقصد سمورن لاڳاپيل اختيارين کي پاڻمرادي نوٽيس بابت آگاهه ڪرڻ آهي، فاروق ايڇ نائيڪ ۽ سمورا ايڊووڪيٽ جنرل هتي موجود آهن. ٻڌڻي دوران پ پ جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي تي اعتراض اٿاريا.فاروق نائيڪ چيو ته ججن سان ڪا ذاتي مداخلت ناهي، مليل هدايتون اڳيان رکي رهيو آهيان، هدايتون آهن ته جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي بينچ کان ڌار ٿين.فاروق ايڇ نائيڪ جي اعتراض تي چيف جسٽس چيو ته ججن جي معاملي تي سومر تي اوهان کي ٻڌنداسين.
فاروق نائيڪ پي ڊي ايم پارٽين جو گڏيل لکيل بيان عدالت ۾ پڙهي ٻڌايو
فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پي ٽي ايم پارٽين جو گڏيل لکيل بيان پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ويو ته جسٽس مظهر نقوي ۽ جسٽس اعجاز الحسن اڳ ئي غلام محمود ڊوگر ڪيس جي ٻڌڻي ڪري چڪا آهن. درخواست آهي ته ٻئي جج پاڻ کي پاڻمرادي نوٽيس کان الڳ ڪن. پي ڊي ايم جي گڏيل لکيل نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته فيئر ٽرائل جي حق ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظهر بينچ ڇڏي وڃن، ٻنهي ججن جي درخواست تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو، تنهن ڪري ڄاڻايل ججن کي بينچ کان الڳ ٿيڻ گهرجي، ٻئي جج (ن) ليگ ۽ جي يو آءِ جو ڪو به ڪيس نه ٻڌن، فاروق ايڇ نائيڪ غلام محمود ڊوگر ڪيس ۾ ٻن ججن جو فيصلو به پڙهي ٻڌايو جڏهن ته گذريل ڏينهن جسٽس جمال جو نوٽيس به پڙهيو.
فاروق نائيڪ ڪيس جي ٻڌڻي فل ڪورٽ ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي
پ پ جي وڪيل چيو ته ٻنهي ججن معاملو چيف جسٽس کي نوٽيس لاءِ موڪليو، جسٽس مندو خيل جي نوٽيس کانپوءِ جسٽس اعجاز ۽ جسٽس مظهر بينچ مان پاڻ کي ڌار ڪن،ڊوگر جي سروس ميٽر ۾ اهڙو فيصلو ڏسي افسوس ٿيو. ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله مسٽر نائيڪ کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان نٿا سمجهو ته فل ڪورٽ عوامي مفاد جو معاملو ٻڌي؟ ان تي فاروق ايڇ نائيڪ چونڊن ۾ دير جو پاڻمرادو نوٽيس تي فل ڪورٽ ٺاهڻ جي درخواست ڪندي چيو ته چونڊن جو معاملو عوام جو آهي، ان تي فل ڪورٽ جوڙڻ گهرجي. فاروق نائيڪ جي موقف تي چيف جسٽس چيو ته فيصلو 16 فيبروري تي آيو ۽ 22 فيبروري تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو، پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ چيف جسٽس جو اختيار آهي. آرٽيڪل 184/3 سان گڏ اسپيڪرز جون درخواستون به اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر آهن.
پنهنجي جماعتن کان پڇو ته عدالت ان معاملي کي ڇو ٻڌي؟ جسٽس جمال مندوخيل
چيف جسٽس چيو ته عدالت اسپيڪر جي درخواست ۾ اٿاريل قانوني سوالن کي به ڏسي رهي آهي، اڄ پاڪستان جي آئين اسان جو دروازو کڙڪايو آهي، ان ڪري اسان نوٽيس ورتو آهي.جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته سياسي معاملا پارليامينٽ ۾ حل ٿيڻ گهرجن، توهان جي پارٽين کان پڇو ته عدالت اهو معاملو ڇو ٻڌي؟ فاروق نائيڪ چيو ته عدالت جا مشاهدا نوٽ ڪيا آهن، هو ان معاملي تي پنهنجي پارٽي کان هدايتون وٺندا،جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر جي صبح ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










