لاهور (ويب ڊيسڪ)اڄ اپوزيشن پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ لاهور جاتي عمراه اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ اهم فيصلن جو امڪان آهي.اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان لاهور پهچي ويو آهي ، جڏهن ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.پيپلزپارٽي جي ذريعن موجب ، پي ڊي ايم اجلاس ۾ پي پي جو اعليٰ سطحي وفد شرڪت ڪندو ، جنهن ۾ قمر زمان ڪائرا ۽ فرحت الله بابر ٻيا شامل هوندا.اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ، مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ٻين پارٽين جا اڳواڻ پڻ شرڪت ڪندا.










