اسلام آباد)بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ٽي ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس جو هڪ هڪ جملو توهين عدالت آهي.هن چيو ته ايگزيڪيوٽو عدليه تي حملو ڪيو آهي، جڏهن جج اوهان جي مرضي موجب فيصلو نه ڏيندا ته اهي سندن خلاف ٿي ويندا، عدالتي فيصلي کي رد ڪندڙ پوري قوم رد ڪندي.شاهه محمود قريشي چيو ته اٽارني جنرل ملڪ کان ٻاهر آهي، اسپورٽس آرڪيٽيڪٽ آصف زرداري به ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي چيو آهي ته شايد مهذب دنيا ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.هن چيو ته حڪومت بغاوت ڪئي آهي، پوري قوم عدالت سان گڏ بيٺي آهي، عدليه کي اپيل آهي ته سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.شهباز گل چيو ته بزدل روئي رهيا هئا ته اسان کي کيڏڻ نه گهرجي، اڄ توهان کي جسٽس قيوم گهرجي؟










