اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن پي پي 7 راولپنڊي مان پي ٽي آءِ اميدوار شبير اعواڻ جي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي شبير اعواڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اميدوارن ۽ پي پي 7 جو رٽرننگ آفيسر به اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيا. شبير اعواڻ جي وڪيل چيو ته درخواستگذار 49 ووٽن تان هارايو. ان تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اوهان طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ ڪا به درخواست داخل ناهي ڪئي وئي، ڪالهه شام 5 وڳي تائين اليڪشن ڪميشن وٽ ڪا به درخواست نه آئي، اوهان درخواست هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ داخل ڪئي، اوهان اليڪشن ڪميشن تي الزام لڳايو آهي. اسان جي درخواست تي غور نه ڪيو. ان موقعي تي راجا صغير جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته شبير اعواڻ وٽ ڌانڌلي جا ڪي به ثبوت ناهن، هو لاهور هاءِ ڪورٽ جي ريفرنس کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ آيو، هن سڄي تڪ جي ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته انڪار ڪيو ويو. هن چيو ته 21 پولنگ اسٽيشنز تي جيڪڏهن ڌانڌلي هجي ها ته پهرين ڏينهن ئي سامهون اچي ها، سندس پولنگ ايجنٽ طرفان ڪا به درخواست نه هئي ته ووٽ صحيح رد نه ڪيا ويا. ٻنهي طرفن جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد اليڪشن ڪميشن چيو ته درخواستگذار ٻيهر ڳڻپ جا سبب بيان ڪرڻ ۽ ڌانڌلي جا ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اميدوار شبير اعواڻ جي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست رد ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي.










