دادو (ادل مهيسر) پ پ ۾ تازو شموليت ڪندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ رئيس گل محمد رودناڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻن سان سياسي اختلافن سبب پ پ ۾ اعلان ڪيو ھيو مگر منهنجو روح لياقت علي خان جتوئي سان رليل آهي. رودناڻي برادري پي ٽي آءِ جي ووٽرن ۽ مختلف برادرين سان ڳنڍيل آھي. مان پنهنجي غلطي تي پڇتايان ٿو رودناڻي برادري پي ٽي آءِ ۾ وڏيون تڪليفون ڏٺيون ۽ سٺيون آھن. ھن چيو ته پي ايس 86 تعلقه جوهي جي خالي پيل سيٽ تي پي ٽي آءِ اميدوار رئيس امداد خان لغاري جي رودناڻي برادري ڀرپور حمايت جو اعلان ڪري ٿي رت جي آخري ڦڙي تائين پي ٽي آءِ ۽ لياقت جتوئي ۽ ان جي حمايتن سان گڏ ھونداسين. هن چيو ته مخالفن گهڻو ڪجهه سوچيو مگر عوام جي ساٿ سان پي ٽي آءِ اڳواڻ کي ڀرپور ڪامياب ڪنداسين منھنجو لياقت جتوئي سان روح جو رشتو آھي.










