پي پي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۾ ٽڪراءَ، روٽ تبديل

پي پي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۾ ٽڪراءَ، روٽ تبديل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سنڌ مارچ جو روٽ سڪيورٽي سبب تبديل ڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻي کان صبح جو نڪرندڙ سنڌ حقوق مارچ هاڻي راڻي پور کان رستو تبديل ڪري مهراڻ هاءِ وي ذريعي نوابشاهه پهچندو. پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اڄ نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف هنڌن تي خطاب ڪرڻا هئا. پهريون پي ٽي آءِ جي مارچ کي راڻيپور کان نيشنل هاءِ وي تان گذرندي ڪنڊيارو ۽ هالاڻي کان ٿيندو نوشهروفيروز پهچڻو هو. مختلف هنڌن تي استقباليه ڪئمپون لڳايون ويون هيون پر جيئن ته پيپلز پارٽي جو مارچ اڄ مورو مان ساڳئي روٽ تي اچي رهيو آهي ۽ ٻنهي جماعتن جي ڪارڪنن ۾ ٽڪراءَ ۽ جهيڙي جو خدشو هو ان ڪري پي ٽي آءِ روٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو