ميرپورماٿيلو )ظھير وسير) پ پ ايم اين اي محمد بخش خان مهر پاران گذريل ڏينهن شام جو دير سان گھنٽا گھر چوڪ وٽ هڪ عوامي جلسو ٿي گذريو جلسي ۾ پ پ ضلعي صدر مير بابر علي خان، ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر، پ پ تعلقه ميرپورماٿيلو جي صدر غلام نبي وسير، ضلعي جنرل سيڪريٽري سڪندر علي لاکو، صفت گبول برڪت مھر عبدالرشيد ڀٽو، منير ميمڻ، غفار وسير عابد ميراڻي ، حاجي دادن خان مهر، عبدالحميد گبول شبير شاهه، محمد علي شيخ، زاھد لنڊ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، جلسي کي خطاب ڪندي پ پ ضلعي صدر مير بابر خان لنڊ چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي جيڪا عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، هن چيو ته محمد بخش خان مهر جي ڪوششن سان گھوٽڪي جي اسپتالن اندر سڌارو آيو آهي، انشاءَ الله گھوٽڪي ضلعي جي عوام جي خدمت ڪنداسين، جلسي کي پ پ ايم اين اي محمد بخش خان مهر خطاب ڪندي چيو ته هو عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ ئي سياست ۾ آيا آهن، ان لاءِ عوام جي خدمت ڪئي ويندي، هن چيو ته سول اسپتال ميرپورماٿيلو ۾ عوام جي سهولتن لاءِ ڪوششون ڪريون پيا ۽ جلد اسپتال ۾ سهولتون مهيا ڪرايون وينديون.

هن چيو ته صنعتي ادارا هتان جي نوجوانن کي روزگار نه ٿا ڏين انهن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي رهيو آهيان ان لاءِ اوهان کي گھرجي ته اوهان اسان جو ساٿ ڏيو، ان موقعي تي گھوٽڪي پوليس شاپنگ سينٽر جي بند پيل 70 دڪانن جي مالڪن صابر راجپوت، پون لعل ۽ ٻين بينر کڻي احتجاج ڪندي چيو ته اسان جا دڪان ايس ايس پي گھوٽڪي فرخ علي لنجار گذريل ٽن مهينن کان بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب اسان جي گھرن ۾ فاقا آهن هنن نه کپي نه کپي ايس ايس پي گھوٽڪي نه کپي جا زوردار نعرا هنيا، جنهن بعد جلسو بدنظمي جو شڪار ٿي ويو، احتجاج ڪندڙن سان مخاطب ٿيندي ايم اين اي محمد بخش خان مهر چيو ته اوهان جو مسئلو حل ڪرايو ويندو اوهان مون سان خانڳڙهه اچي ملو، جڏهن ته جلسي ۾ اسٽيج سيڪريٽري برڪت مهر پاران يوٿ اڳواڻ حسن شاهه کي اسٽيج تان لاهي ڇڏڻ بعد يوٿ جي ڪارڪنن اظهر چنا، عرفان سيال جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته ايم اين اي سان اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ورڪرن جي عزت نه ڪندا آهن اسان اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا ۽ ايم اين اي کان گھر ڪريون ٿا ته هو برڪت مهر کان لاتعلي جو اعلان ڪري.










