’پي پي پنجاب ۾ اڀري پئي، چونڊون مان ئي ڪرائيندس‘

’پي پي پنجاب ۾ اڀري پئي، چونڊون مان ئي ڪرائيندس‘

لاهور (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته هي ماڻهو 2 مهينن ۾ چونڊون نٿا ڪرائي سگهن، چونڊون تڏهن ئي ٿينديون جڏهن مان ڪرائيندس. لاهور ۾ پ پ سينٽرل پنجاب جي ٽڪيٽ هولڊرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن ايندڙ چونڊن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته پ پ ۽ مون هميشه جدوجهد ڪئي آهي، ڪارڪنن کي صبر ڪرڻ گهرجي، هي ماڻهو 2 مهينن ۾ چونڊون نٿا ڪرائي سگهن، اهو تڏهن ٿيندو جڏهن مان انهن کي سنڀاليندس. هن چيو ته پيپلز پارٽي پنجاب ۾ واپس اچي پئي ۽ وڏي حيثيت ۾ اڀرنداسين. مون 14 سال جيل ڪٽيو، ڪو ڪيس ثابت نه ٿيو، ڏکيا ڏينهن گذري ويا هاڻي سٺو وقت اچي پيو. هن چيو ته جن کي سياست ناهي ايندي انهن وٽ حل به ناهي هوندو. ٻئي پاسي منظور وٽو، نوروز شڪور سميت ڪيترائي وننگ هارسز پارٽي ۾ اچڻ جو سوچين پيا. پيپلز پارٽي مسلم ليگ(ق) سميت سڀني جماعتن سان اتحاد يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري سگهي ٿي. جهانگير ترين نا اهلي سبب پارٽي نٿو ٺاهي سگهي ان ڪري هو هم خيال گروپ سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. لاهور: پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري سنڌ جي سياسي اڳواڻ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. ٻئي پاسي اڳوڻي ميمبر سنڌ اسيمبلي ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ سردار ڪانڀو خان برهماڻي، عارب خان برهماڻي ۽ ضلعي ڪائونسل ڄامشورو جو اڳوڻو وائيس چيئرمين محمد صادق شورو به صدر زرداري سان ملاقات ڪري پي پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. صدر آصف علي زرداري پ پ ۾ شامل ٿيندڙ سياسي اڳواڻن جي آجيان ڪندي چيو ته اسين سڀني کي مان ڏينداسين. ان موقعي تي پي پي جو سيڪريٽري جنرل نير بخاري ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام خان شورو به صدر زرداري سان گڏ هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو