اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان پيپلز پارٽي اپوزيشن پارٽين جي جلسي جي مخالفت ڪري ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڏس ۾ پي پي قيادت مولانا فضل الرحمان ۽ ميان شهباز شريف کي آگاهه ڪري ڇڏيو. پي پي جو خيال آهي ته سپريم ڪورٽ پاران جلسن کان پرهيز ڪرن جي تجويز بعد اپوزيشن کي نطر ثاني ڪرڻ گهرجي. پي ٽي آءِ جي جلسي سان گڏ اپوزيشن جي جلسي سبب ٽڪراءُ ٿي سگهي ٿو ۽ ان سان ٿرڊ پارٽي فائدو هاصل ڪري سگهي ٿي ۽ عدم اعتماد جي رٿ تي ڪارروائي متاثر ٿي سگهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ڪارڪنن کي شرڪت جو سڏ نه ڏيندي ۽ جلسي ۾ بلاول به شرڪت نه ڪندو پر ٻيو ڪو عهديدا موڪليو ويندو.










