ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) شيخ فريد چوڪ هري چند محلي جي رھواسي اقليتي برادريَ جي معزز شخصيتن نارائڻ داس، رام مندر، تلسي داس، لڇمن داس، فقير الاجي، شام ڪمار، ڊيوڊ گل، اشوڪ گل جي منوهرداس پاران پي ٽي آء ضلعي ٺٽي جي صدر رئيس ارسلان خان بروھي جي مان ۾ آجياڻو ڏيئي کيس لونگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي رئيس ارسلان خان بروھي چيو تہ پ پ پ جي سنڌ حڪومت ڪوبہ ترقياتي ڪم ناھي ڪرايو، ٺٽو شھر بہ کنڊر جو ڏيک ڏيئي رھيو آھي، جتي ڪوبہ صفائي جو انتظام ناھي، ڊرينج سسٽم بہ ناڪارہ ھجڻ ڪري شھر جون اڪثر گليون گٽرن جي گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ ھجڻ ڪري شھري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن. ھن چيو تہ ھري چند محلي جو ڪافي وقت کان بجلي جو ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ ڪري اقليتي برادري جا ماڻھون اونداھ ۾ ٻڏل ھئا، پر سندس ڪوششن سان بجلي جو ٽرانسفارمر لڳرائي شھرين کي اونداھ مان نجات ڏياري ويئي آھي. رئيس ارسلان خان ہروھي چيو تہ اسانجو مقصد ھتان جي عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪري سندن مسئلا حل ڪرڻ آھي، جنھن لاء ڪوششون جاري آھن. ان موقعي تي ايڊوڪيٽ هوش محمد عباسي، جاويد رند، شفقت علي بروهي، سيف شاھ، اسد گندرو، لالا مراد پٺاڻ، نصير احمد سولنگي، عبدل خالد گندرو، سمير گندرو، مظهر ميمڻ، وقار ميمڻ ذوالفقار شورو ۽ گڏ ٻيا پڻ موجود ھئا.










