ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيپلزپارٽي جو ميئر بنائڻ جو خواه پورو نه ٿيندو ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيپلزپارٽي چاهي ٿي ته هي شهر جنهن تي پهريان ئي ڦرلٽ ڪرپشن ڪري رهيا آهن وڌيڪ قبضووڌي وڃي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان گهر ڪريان ٿو ته جيڪڏهن ضمير موجود آهي ته ان جو نوٽيس وٺي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيپلزپارٽي جو هي ٽريڪ رڪارڊ آهي 1977 ۾ پيپلزپارٽي مينڊيٽ تسليم نه ڪيو ۽ ملڪ ٽوڙي ڇڏيو ۽ اهو چيو ته جيڪو ڍاڪا ويندو ان جون ڄنگهون ڀڃي ڇڏيندس اهڙي طرح انهن سينيٽ چونڊن کي خريد ڪيو هتان بريف ڪيس ويندا هئا بلوچستان ۾پڙيون لڳنديون هيون هاڻي به اهي ساڳيو ڪم ڪري رهيا آهن مارڪٽ ڪري ڌمڪيون ڏئي رهيا اهن هن چيو ته سڀ شيون ايڪسپوز ٿي ويو پر اليڪشن ڪميشن پيپلزپارٽي جو لکيل فيصلو ٻڌايو اسان اسلام آباد هاءِڪورٽ مان اسٽي ورتو ۽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم ٿيو اسان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان اسٽي ورتو اتي انهن 6 يوسيز جو ڪيس هلي رهيو آهي 7 هزار 400 واري کي هارائي ڇڏيو ۽ 1300 وارن کي ڪامياب ڪرايو حافظ نعيم الرحمان چيو ته هن پي ٽي آئي جي کوڙ سيٽن تي قبضو ڪيو باقاعده طور تي پيرزائيڊنگ آفيسرن جي شاهدي آئي اليڪشن ڪميشن اوهان ڇا ڪارروائي ڪئي. ڪجرماڻي ذهنيت سان ڪراچي تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا اسان نه ڪرڻ ڏينداسين هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ته پيپلزپارٽي جي اي ٽي ايم بڻيل آهي اسان جي ملازمت ڪندڙ اسان جي ئي مينديٽ کي کائي رهيا آهن اليڪشن ڪميشن پيپلزپارٽي جي اي ٽي ايم بڻجندو ته اسان وائکو ڪنداسين حيران آهيان ته سنڌ هاءِ ڪورٽ به پي ٽي آئي جي پٽيشن کي ٽيڪ اپ نه ڪيو هنچ يو ته 2009 کان وٺي 2015 تائين پيپلزپارٽي مڪاني اليڪشن نه ڪرائي هئي هي اها پيپلزپارٽي آهي جو آگسٽ 2020 کان جنوري کان 2023 ۾ وڃي اليڪشن ڪرائي پيپلزپارٽي اليڪشن ڪميشن سان گڏجي ضمني اليڪشن جي نتيجن جو اعلان نه ڪرايو ملڪ ۾ خاص قسم جون حالتون موجود آهن حافظ نعيم الرحمان چي ڪراچي جي ماڻهن کي پگهارون به وقت تي نٿيون ملن ڪراچي ۾ ٻارڙن جي تعليم جو پراپر نظام موجود نه آهي هن وڌيڪ چيوت ه حڪومت سروي ڪرائي يقين سان چوان ٿو ته 90 سيڪڙو ماڻهو جماعت اسلامي جو ميئر گهرن ٿا اوهان ليول پلينگ فيلڊ ڏيو جيڪو ڪجهه ڪرڻو هو اوهان ڪري ڇڏيو ڀلي ڇا به ڪيو جماعت اسلامي جو ميئر هر صورت ۾ ٿيندو. پيپلزپارٽي جو ميئر بنائڻ جو خواب پورو نه ٿيندو.










